مايوسي واري ڳالهين ڊپريشن جو مريض ڪري ڇڏيو: ندا ياسر

ڪراچي : مشهور ٽي وي ميزبان ۽ اداڪارا ندا ياسر ۽ سندس مڙس ياسر نواز ۽ سندس ڌيءُ ۾ گذريل مهيني 25 مئي تي ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي هئي جنهن کانپوءِ هنن پاڻ کي گهر ۾ آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو هو. آئيسوليشن دوران اهڙيون خبرون به وائرل ٿيون ته ندا ياسر جي طبيعت انتهائي خراب ٿي وئي آهي ۽ کيس انتهائي نگهداشت جي وارڊ آءِ سي يو ۾ داخل ڪرايو ويو آهي جڏهن ته اهڙيون خبرون وائرل ٿيڻ کانپوءِ اداڪارا پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ وضاحت ڪئي هئي ته سندس طبيعت خراب ناهي ٿي ۽ نه ئي هو اسپتال منتقل ٿي آهي. ندا ياسر جي ٻي ٽيسٽ 15 جون تي ناڪاري آئي ۽ هن ان ئي ڏينهن ٽي وي تي پنهنجو مارننگ شو شروع ڪري ڇڏيو. ڪورونا کي مات ڏيندڙ ندا ياسر مارننگ شو ۾ تفصيلي طور تي ٻڌايو ته کيس ڪورونا ڪيئن لڳو ۽ ان وقت سندس حالت ڪهڙي هئي. اداڪارا ٻڌايو ته سڀ کان پهريان سندس مڙس ياسر نواز بيمار ٿيو ۽ کيس بخار ٿيو ، هن ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو پر ڊاڪٽر به شروعاتي طور تي ٻڌايو ياسر نواز کي سخت گرمي سبب بخار ٿيو هوندو. جڏهن ٻين جون ڪورونا ٽيسٽون هاڪاري آيون ته پوءِ اسان به ٽيسٽ ڪرائڻ وياسين جنهن کانپوءِ رڳو زال مڙس ۽ ڌيءُ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي. هن چيو ته جڏهن مون ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي ته يقين ئي نه آيو ڇو ته مون ۾ ڪي به علامتون نه هيون. ان دوران اداڪارا پنهنجي 5 سالن جي ٻار کان جدا رهڻ جو ذڪر ڪندي ڳوڙها ڳاڙي ويٺي. هن چيو ته پاڻ کي 14 ڏينهن گهر جي مٿئين حصي ۾ آئيسوليٽ ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته پٽ گهر جي هيٺئين حصي ۾ هو ۽ ملڻ لاءِ روئيندو هو. هن چيو ته مون کي ٻي ڪا پريشاني نه هئي پر مڙس چوندو هو ته اسان مري وياسين ته ٻارن جو ڇا ٿيندو؟ ان تي مون کي به پريشاني ٿيندي هئي. مڙس جي اهڙين ڳالهين سبب ڊپريشن جو شڪار ٿي ويس جنهن سبب ساهه کڻڻ ۾ به ڏکيائي ٿيندي هئي. هن اعتراف ڪيو ته ذهني پريشاني سبب لاڳيتو ٽن ڏينهن تائين کيس ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش آئي. جڏهن آڪسي ميٽر تي چيڪ ڪيو ته خبر پئي ته ساهه جو ڪو مسئلو ناهي اهو ڊپريشن جي ڪري ٿي رهيو آهي. اداڪارا پنهنجي شو ۾ ليڊي ڊاڪٽر سميت اداڪارا سعديه امام کي به مهمان طور گهرايو جن پروگرام ۾ ڪورونا جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور اجاڳر ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔