دنيا ۾ ڪورونا وڌيڪ 3هزار 894 انساني جانيون کسي ورتيون

ڪراچي : سموري دنيا ۾ قاتل ڪورونا وڌيڪ 3هزار 894 انساني جانيون کسي ورتيون آهن. جڏهن ته هڪ لک 30 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڪورونا وائرس ۾ وٺجي ويا آهن، جنهن بعد ڪورونا متاثرن جو ڪُل انگ 87لک 70هزار 50 ٿي ويو آهي. هڪ ڏينهن دوران ميڪيسڪو ۾ 667 ڄڻا وبا سبب حياتيون وڃائي ويٺا،آمريڪا ۾ ڪورونا وڌيڪ 559 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون آهن. برازيل ۾ به صورتحال خراب آهي، هڪ ڏينهن ۾ 558 انساني جانيون ضايع ٿي ويون. ڀارت ۾ 366، روس ۾ 181، برطانيا ۾ 173 فوتگيون ٿيون. چِلي ۾ 252، ايران ۾ 120، ڏکڻ آفريڪا ۾ 94، عراق ۾ 69 ۽ ڪئناڊا ۾ 46 ماڻهو ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا. جڏهن ته هيل تائين فوت ٿيلن جو انگ 4 لک 60هزار 648 ٿي ويو. 45لک 85هزار کان وڌيڪ مريض وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔