بي اين پي جو حڪومت ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ کان کُتو جواب

اسلام آباد اي پي سي بعد مولانا فضل الرحمان سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو ته بلوچستان جا مسئلا حل ڪيا وڃن ته سمورو صوبو ئي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي ويندو. اختر مينگل چيو ته هو حڪومت جو حصو هوندي به آزاد حيثيت ۾ ويهندو هو، جڏهن حڪومت جو ساٿ ڇڏي ڏنو ته پوءِ ٻيهر حڪومت جو حصو ڇو بڻجان. بي اين بي سربراهه اخترمينگل فنانس بل جي حمايت ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو. مولانا فضل الرحمان چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف بدنيتي تي ٻڌل ريفرنس ٺاهڻ تي سپريم ڪورٽ کي ذميوارن خلاف سزا تجويز ڪرڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان چيو ته کيس 18هين ترميم جي حوالي سان حڪومتي بيانن تي ڳڻتي آهي، 18هين ترميم يا اين ايف سي ايوارڊ ۾ ڪا تبديلي ڪئي وئي ته هر سطح تي مزاحمت ڪئي ويندي، جي يو آءِ سربراهه چيو ته حڪومت ڪورونا خلاف مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. جي يو آءِ پاران سڏايل اي پي سي ۾ گم ٿيل ماڻهن کي ظاهر، بلوچستان ۾ جعلي ڊوميسائيل رد، سينيٽ جَي اختيارن ۾ واڌ ۽ 18 هين ترميم تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔