آمريڪي سپريم ڪورٽ ٽرمپ انتظاميه کي غيرقانوني ترسيل پرڏيهي ٻارن جي بي دخلي کان روڪي ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪي سپريم ڪورٽ ٽرمپ انتظاميه کي غيرقانوني پرڏيهين سان گڏ آيل ٻارن بابت پروگرام ڊاڪا کي ختم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

صدر ٽرمپ چيو ته سپريم ڪورٽ مان خوفناڪ ۽ سياسي نوعيت جا فيصلا اچي رهيا آهن. فيصلي کان پوءِ پرڏيهين جي وڏي انگ آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ روڊن تي اچي خوشي جو اظهار ڪيو. رپورٽ موجب ٽرمپ پاران پرڏيهين جي حوالي سان پاليسي کي سخت جهٽڪو، آمريڪا جي سڀني کان وڏي عدالت چيو آهي ته ٽرمپ انتظاميه غيرقانوني پرڏيهين سان گڏ ايندڙ آمريڪا ايندڙ ٻارن بابت پروگرام ڊاڪا کي ختم نٿي ڪري سگهي هي پروگرام آمريڪا ۾ رهندڙ مختلف ملڪن جي ساڍا 6 لک ٻارن جي بي دخلي کان تحفظ فراهم ڪري ٿو.

صدر ٽرمپ ٽوئٽر تي لکيو آهي ته سپريم ڪورٽ مان خوفناڪ ۽ سياسي نوعيت جا فيصلا اچي رهيا آهن. هن سوال ٿاريو ته ڇا اوهان اهو تاثر وٺي رهيا آهيو ته سپريم ڪورٽ مون کي پسند نٿي ڪري. ياد رهي ته آمريڪي سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي کان پوءِ پرڏيهين جو وڏو انگ آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ روڊن تي اچي ويو ۽ خوشي جو اظهار ڪيو.

فيصلي کي صدر ٽرمپ جي پاليسي جي شڪست جيان ڏٺو پيو وڃي. ياد رهي ته صدر ٽرمپ ٻن سالن کان هن پروگرام کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. هي پروگرام 2012 ۾ صدر براڪ اوباما ٺاهيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔