عالمي اڏامن لاءِ هوائي حدون جزوي طور کولي رهيا آهيون: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي اڏامن لاءِ هوائي حدن کي جزوي طور کولي رهيا آهيون. ڪورونا سبب سمنڊ پار پاڪستانين وڌيڪ پريشانيون برداشت ڪيون.

وزيراعظم سماجي رابطن جي ويب سائٽ تي ٽوئٽ ڪندي چيو آهي ته هوائي حدون کولڻ جو مصد پرڏيهه ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي واپسي جي سهوليت ڏيڻ آهي. وبا جي دوران سمنڊ پار پاڪستانين سڀني کان وڌيڪ پريشانيون برداشت ڪيون.

سمنڊ پار پاڪستانين جي همت ۽ حوصلي تي اسان کي فخر آهي. ملڪ واپس ايندڙ پاڪستانين کي خوش آمديد چئون ٿا. عمران خان چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جي واپسي تي هر قسم جي سهوليت فراهم ڪنداسين.

سمنڊ پار پاڪستانين طرفان هم وطنن جي مدد تي ان جا ٿورائتا آهيون. وبا دوران سمنڊ پار پاڪستانين جي مدد تعريف جوڳي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔