ملڪ ۾ ڪورونا سبب 24 ڪلاڪن ۾ رڪارڊ 153 مريض فوت

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا جا متاثر تيزي سان وڌڻ لڳا. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ هڪ لک 71 هزار 666 تائين پهچي ويو آهي. جڏهن ته هڪ ئي ڏينهن دوران 153 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 3 هزار 382 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 هزار 604 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا.

پنجاب ۾ 54 هزار 216، سنڌ ۾ 65 هزار 163، خيبرپختونخواهه ۾ 20 هزار 790، بلوچستان ۾ 9 هزار 162، گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 253، اسلام آباد ۾ 10 هزار 279 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 803 ڪيس رپورٽ ٿيا.

سڄي ملڪ ۾ هينئر تائين 10 لک 42 هزار، 787 ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 هزار 681 جا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. هينئر تائين 63 504 مريض صحتياب ٿي ويا آهن. جڏهن ته ڪيترن ئي مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ئي ڏينهن دوران 153 فوت ٿي ويا آهن.   جنهن کان پوءِ وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 3 هزار 382 ٿي وئي.

پنجاب ۾ هڪ هزار 347، سنڌ ۾  هڪ هزار13، خيبرپختونخواهه ۾ 789، اسلام آباد ۾  95، گلگت بلتستان ۾ 21، بلوچستان ۾ 100 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 17 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔