حڪومت کي شوگر ملز جي خلاف پريس ڪانفرنس جي ضرورت ناهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شوگر جاچ رپورٽ تي حڪم امتناع ۾ واڌ ڪندي شوگرملز جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله کنڊ جاچ ڪميشن جي خلاف شوگرملز جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.  اٽارني جنرل خالد جاويد خان دليل جي شروعات ڪندي چيو ته اسان جي ملڪ ۾هاڻ اهو رواج بڻجي چڪو آهي ته شُگرملز جا طاقتور طبقا حڪومت ۾ موجود هوندا آهن. اهو چوڻ غلط هوندو ته جاچ ڪميشن  سياسي مخالفن کان انتقام جي لاءِ ٺاهيو ويو. جاچ ته حڪومت کي پنهنجي مضبوط اتحادين ۽ دوستن جي خلاف به ٿي رهي آهي.

دوستن ۽ اتحادين جي خلاف به ڪارروائي ثبوت آهي ته هي ڪنهن تعصب تي ٻڌل ڪارروائي ناهي. خالد جاويد خان چيو ته  ڪميٽي ۾ آءِ ايس آءِ جي ميمبر جي شموليت تي اعتراض آيو هو ان جي وضاحت ڪري ڇڏيان. سپريم ڪورٽ پاناما ۽  جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ به جي آءِ تي جوڙي هئي. ان ۾ به مختلف ادارن جي آفيسرن کي شامل ڪيو ويو هو. جاچ ڪميشن اهڙن ٽي او آروز جي تحت ڪم ڪيو ته شوگر انڊسٽري جا سمورا پهلو سامهون اچي سگهن. هڪ لحاظ سان اها رپورٽ مڪمل ان جي خلاف به ناهي. پر ان ۾ غيرقانوني قدمن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

جسٽس اظهر من الله چيو ته شوگرملز جو مسئلو حڪومتي پريس ڪانفرنسون به آهن جيڪي حڪومت ۾ آهن انهن کي اهڙي طرح جي پريس  ڪانفرنس ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي. اهڙيون پريس ڪانفرنسون ٻئي ڌر جا حق متاثر ڪن ٿيون. جاچ جي شروعات ۾ ئي اهڙيون پريس ڪانفرنسون نه ٿيڻ گهرجن ها. شوگرملز جي وڪيل مخدوم علي خان حڪم امتناع ۾ واڌ جي درخواست ڪئي پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شوگر جاچ رپورٽ تي وڌيڪ اسٽي آرڊر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

شوگرملز ايسوسيئيشن جي وڪيل سلمان اڪرم راجه دليل جي شروعات ڪندي  ڪرڪيٽر سليم ملڪ ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته سليم ملڪ تي الزام آءِ سي سي جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي  ڀڃڪڙي جو هو ۽ ان بابت پاڪستان ۾ ڪوبه قانون موجود نه هو. ان لاءِ انڪوائري ڪميشن ٺاهيو ويو. لهذا شوگر ملز جي معاملي تي سمورا لاڳاپل قانون ملڪ ۾ موجود آهن. حڪومتي جاچ ڪميشن جي ضرورت ئي ناهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔