ملڪ ۾ بحران پيدا ڪندڙ مافيا کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس: وزيراعظم


اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان ملڪ ۾ بحران پيدا ڪندڙ مافيا کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس.

رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ کنڊ بحران جي فرانزڪ رپورٽ ۽ ذميوار ماڻهن جي خلاف قانوني ڪارروائي تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون. عمران خان ان حوالي سان ڳالهيون ڪندي چيو ته قوم کان ڪجهه به ناهي لڪايو ويو.

قوم سان سچ ڳالهائڻ جو واعدو ڪيو ان کي پورو ڪندس. ملڪ ۾ بحران پيدا ڪندڙ مافيا کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس.

وزيراعظم چيو ته هر قسم جي مافيا جو مقابلو ڪرڻو آهي ۽ انهن کي بي نقاب به ڪرڻو آهي. اجلاس ۾ ڪور ڪميٽي شوگرمافيا سميت هر قسم جي مافيا کي منهن ڏيڻ جي وزيراعظم جي فيصلي تي اعتماد جو اظهار ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔