وزيراعظم ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي خلاف کلي سامهون اچي ويو آهي: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي خلاف کلي سامهون اچي ويو آهي.

پ پ چيئرمين بلاول  ڀٽو زرداري وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته رينجرس تي ٿيندڙ حملن جي مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته جڏهن کان وبا آئي آهي هر تڪراري مسئلي کي اٿاريو پيو وڃي. اميد هئي ته وفاق جي طرفان هر صوبي جي لاءِ هيلٿ پيڪيج هوندو پر پنجاب سميت ٻين صوبن کي پنهنجي حصي جا پورا پئسا ناهن مليا. سنڌ کي 229 ارب گهٽ ڏنا پيا وڃن. هن چيو ته اسان سمجهي رهيا آهيون ته هڪ وبا جو بجيٽ هوندو پر ائين ڏيکاريو ويو جيئن ڪورونا پاڪستان جي لاءِ مسئلو ئي ناهي. بجيٽ ۾ ماڪڙن جي مسئلي کي به نظر انداز ڪيو ويو. وفاق چاهي ٿو ته صوبائي حڪومت پاڻ ماڪڙن جو مقابلو ڪري.

پ پ چيئرمين چيو ته بجيٽ ۾ سنڌ کي 229 ارب روپيه گهٽ ڏنا پيا وڃن. اوهان چئو ٿا ته صوبا پاڻ مقابلو ڪن پر پئسا گهٽ پيا ڏنا وڃن. صرف سنڌ  نه پر ٻين صوبن کي به گهٽ پئسا مليا. هن چيو ته هي وقت هو ته تاريخي چيلينجن کي ملي منهن ڏنو وڃي پر پي ٽي آءِ جي بجيٽ عوام جي مدد ناهي ڪئي. فلاح بهبود جي لاءِ هن وڌيڪ جي بجاءِ گهٽ پئسا رکيا آهن. هن وقت غريبن جي بجاءِ ورڪنگ ڪلاس جي  مدد جي ضرورت آهي پر حڪومت بجيٽ ۾ نه رليف، نه معيشت نه صحت ۽ نه ئي عوام جي مدد ڪئي آهي. هن چيو ته هن وفاقي بجيٽ کي سمورين سياسي پارٽين رد ڪري ڇڏيو آهي.  ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي رهي آهي، رينجرز تي ٿيل حملن جي سخت مذمت ڪريان ٿو، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

هن وقت سڄي دنيا ۾ جيڪا ذميوار قيادت آهي اها هن صورتحال ۾ ذميواري نڀائي رهي آهي، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته هتي پي ٽي آءِ حڪومت جوڳو ڪردار ادا نه ڪيو، فخر ڪيان ٿو ته سنڌ حڪومت مشڪل وقت ۾ ڪم ڪندڙن کي سپورٽ ڪيو آهي. آمريڪا ۾ پوليس واري هڪ ماڻهو کي قتل ڪيو ته سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿي رهيو آهي، حڪومت چئليجنز کي منهن ڏيڻ جي ڪوشش ڪري، سنڌ سرڪار سنڌ دوست بجيٽ پيش ڪئي آهي، موجوده حڪومت ڪورونا صورتحال ۾ تڪراري مسئلا اٿاريا آهن، ڪورونا صورتحال دوران پيپلزپارٽي سڀ تقريبون ختم ڪري ڇڏيون آهن، اسان ڪورونا کان بچاءُ لاءِ هر قدم کڻي رهيا آهيون، اوهان ڏسي رهيا آهيو ته اسان کي ماسڪ پهريل آهن.

بلاول چيو ته جيڪڏهن ماڻهو اين ايف سي ايوارڊ  ۽ ارڙهين ترميم تي ٻاهر نڪتا ته حڪومت انهن کي سنڀالي نه سگهندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔