خيبرپختونخوا اسيمبلي جو اجلاس بجيٽ پيش

سلام آباد :خيبرپختونخوا اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر مشتاق غني جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري صوبائي وزير تيمور سليم جهڳڙا 21-2020ع جي مالي سال جي بجيٽ پيش ڪئي. ڪي پي جي ناڻي واري وزير چيو ته هن بجيٽ ۾ ڪا نئين ٽيڪس نه پئي لڳائي وڃي ۽ نه ئي ٽيڪس ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي. صوبائي بجيٽ پڻ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ نه ڪئي ويندي. ڪي پي جي بجيٽ جو ڪاٿو 923 ارب رهيا آهي، جنهن مان وفاق کان 477 ارب رپيا ملندا، جڏهن ته 58 ارب 20 ڪروڙ رپيا بجلي جي خالص منافعي ۽ رهتن جي مد ۾ ملندا. ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس ذريعي 49 ارب رپيا اوڳاڙي جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، جڏهن ته بجيٽ ۾ سالياني ترقياتي پروگرام لاءِ 317 ڏهائي 85 ارب رپين کان وڌيڪ رکيا ويا آهن. ڪي پي حڪومت صحت لاءِ 124 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جنهن مان 24 ڏهائي 34 ارب رپيا ترقياتي منصوبن لاءِ خرچ ڪيا ويندا. بجيٽ ۾ احسان پروگرام ۽ ڪورونا ايمرجنسي لاءِ 24 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته روڊ جي تعمير لاءِ 42 ارب 34 ڪروڙ 10 لک رپيا رکيا ويا آهن. صوبائي بجيٽ ۾ تعليم لاءِ 30 ارب 20 ڪروڙ، ۽ توانائي لاءِ 11.43 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته مقامي حڪومتن لاءِ 54 ارب 85 ڪروڙ ۽ 16 ارب رپيا قرضن تي وياج ادا ڪرڻ لاءِ رکيا ويا آهن. بجيٽ ۾ قبائلي ضلعن لاءِ 184 ارب رپيا، سياحت جي بهتري، روڊن جي تعمير ۽ يونيورسٽين لاءِ 18 ارب رپيا رکيا ويا آهن. قبائلي ضلعن ۾ صحت کي بهتر بڻائڻ تي 10 ارب خرچ ڪيا ويندا جڏهن ته انهن ضلعن ۾ روڊن جي لاءِ 16 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔