وڏي وزير گهوٽڪي ۽ ڪراچي ۾ رينجرز جي گاڏين تي حملن جو نوٽيس ورتو

ڪراچي : وڏي وزير مراد علي شاهه گهوٽڪي ۽ ڪراچي ۾ رينجرز جي گاڏين تي حملن جو نوٽيس ورتو، آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب، گورنر سنڌ عمران اسماعيل جا ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ سان فون تي رابطا، گهوٽڪيءَ ۽ ڪراچي ۾ رينجرز جي گاڏين تي حملن جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان تي افسوس جو اظهار، گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته احساس پروگرام سينٽرز کي سيڪيورٽي مهيا ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي، اِن معاملي تي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي، ڪوتاهي ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي سختيءَ سان منهن ڏنو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔