سنڌ ۾ هڪ ئي ڏينهن رينجرز مٿان 3حملن ۾ 2اهلڪارن سوڌو 4 ڄڻا مارجي ويا

ڪراچي : سنڌ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي رينجرز مٿان ٽن حملن جي نتيجي ۾ ٻن اهلڪارن سوڌو 4 ڄڻا مارجي ويا، 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ڌماڪي جو معائنو ڪرڻ لاءِ سکر کان ويندڙ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي گاڏي کي حادثو پيش اچڻ تي هڪ اهلڪار فوت، 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. گهوٽڪي شهر جي گهوٽا مارڪيٽ ۾ رينجرز اهلڪار گوشت خريد ڪري رهيا هئا ته اوچتو ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه رينجرز اهلڪار فياض احمد، ظهور احمد ۽ هڪ واٽهڙو غلام مصطفي شهيد ٿي ويا. پوليس موجب ڌماڪي ۾ هڪ رينجرز اهلڪار ۽ هڪ شهري زخمي ٿي پيو، شهيد اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڌماڪي کانپوءِ رينجرز ڳوٺ جلال گهوٽو ۾ ڪارروائي ڪري هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي ڪراچي جي لياقت آباد واري علائقي ۾ احساس پروگرام سينٽر ڀرسان رينجرز جي گاڏيءَ تي دستي بم سان حملو ڪيو ويو. حملي ۾ هڪ شهري مارجي ويو ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس ۽ رينجرز علائقي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. پوليس موجب زخمين جي سڃاڻپ محمد سليم، روشن علي، محمد ذيشان ۽ فيضان طور ٿي آهي، واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن لاڙڪاڻي ۾ رينجرز پبلڪ اسڪول جي چوڪيءَ تي دستي بم حملو ڪيو ويو جنهن ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. علائقي واسين چيو آهي ته موٽر سائيڪل سوار جوابدار چانڊڪا روڊ وٽ رينجرز جي چوڪيءَ تي دستي بم اُڇلي فرار ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ به ڪارروائي تيز ڪئي وئي آهي. گهوٽڪيءَ ۾ ڌماڪي جو معائنو ڪرڻ لاءِ سکر کان ويندڙ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي گاڏيءَ ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ سب انسپيڪٽر فوت ٿي ويو ۽ 6 اهلڪار زخمي ٿي پيا. فوتي اهلڪار جي سڃاڻپ مينهان خان ابڙو طور ٿي جڏهن ته زخمين ۾ عبدلجبار عباسي، فلڪ شير، قربان ڦلپوٽو، سهيل شيخ، لال خان ۽ گلفارم رند شامل آهي، جڏهن ته گورنر عمران اسمائيل ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته رينجرز تي جيڪي حملا ٿيا آهن اهي هڪ منصوبي تحت ڪيا ويا آهن، ڏهاڙيدار ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو، حملن ۾ ملوث ڪنهن به عنصر کي نه ڇڏيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔