سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 49 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 49 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، 2 هزار 894 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت بيان ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 65 هزار 163 ٿي ويو آهي، ڪراچي ۾ 1626، حيدرآباد ۾ 64، خيرپور ۾ 164 ۽ گهوٽڪي ۾ 45 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وڏي وزير جو چوڻ هو ته بينظيرآباد ۾ 17، سکر 30،لاڙڪاڻو ۾ 29، ڪشمور ۾ 7، ڄامشورو ۾ 62 ۽ دادو ۾ 22 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هن چيو ته 24 ڪلاڪن دوران 49 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي ويا آهن، هن چيو ته لاڪ ڊائون هلي رهيو آهي، جتي به ڪيس وڌيڪ هوندا اُتي لاڪ ڊائون سخت ڪيو ويندو، ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن، عوام کي احتياط ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔