سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ان جي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل ۾ ڏنل ريفرنس کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ڏهه رڪني بينچ صدارتي ريفرنس بابت درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس قاَضي فائز عيسيٰ خلاف صدارتي ريفرنس جي ڪارروائي روڪرائڻ لاءِ آئيني درخوستن تي ٻڌڻي دوران ايف بي آر قاضي عيسيٰ فائز عيسيٰ جي گهر واري جو ٽيڪس ريڪارڊ جمع ڪرايو، قاضي فائز عيسيٰ جي وڪيل به لفافي ۾ دستاويز پيش ڪيا.

جسٽس عمر عطا بنديال فروغ نسيم کي چيو ته هاڻ ان لفافي جو جائزو نه وٺنداسين ۽ نه ئي ڪو آرڊر پاس ڪنداسين، معزز جج جي گهرواري سمورا دستاويز ريڪارڊ تي آڻي چڪي آهي، توهان ان جي تصديق ڪرايو.

درخواست ڪندڙ جي وڪيل منير اي ملڪ جواب جي جواب ۾ چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته حڪومت جو اصل ڪيس ڇا آهي؟ فروغ نسيم موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ اچڻ ۾ دير ڪئي، بدقسمتيءَ سان فروغ نسيم غلط بس ۾ سوار ٿي پيو، حڪومت ايف بي آر بجاءِ سپريم ڪورٽ جوڊيشل ڪائونسل اچي وئي، سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو ڪم صرف حقيقتن جو تعين ڪرڻ آهي، ايف بي آر پنهنجو ڪم ڪري، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي ۽ عدليا جي عزت خاطر ريفرنس چئلينج ڪيو، چاهي ٿو عدالت ريفرنس کي رد ڪري.

سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيل حامد خان سورت النسا جو حوالو ڏيندي چيو دليل ڏنا ته اسلام هر مرد ۽ عورت کي ملڪيت رکڻ جو حق ڏنو آهي، سنڌ بار ڪائونسل جي وڪيل رضا رباني جو چوڻ هو ته اثاثه ريڪوري يونٽ کي لامحدود اّختيار ڏنا ويا، يونٽ جي قيام لاءِ قانونسازي نه ڪئي وئي.

خيبرپختون خواهه بار ڪائونسل جي وڪيل افتخار گيلاني پنهنجن دليلن ۾ چيو ته حڪومت جو ريفرنس بي بنياد آهي ۽ عدالت جي آزادي جي خلاف آهي. 

ان کانپوءِ تقريبن چار وڳي شام کانپوءِ آئيني درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف صدارتي ريفرنس خارج ڪري ڇڏيو جڏهن ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل ڪارروائي روڪڻ جي درخواست منظور ڪئي.

ڪيس جو مختصر فيصلو جسٽس عمر عطا بنديال ٻڌايو، فيصلي ۾ چيو ويو ته قانون تحت تحقيقات جو اختيار نه هو، ريفرنس بدنيتي جي بنياد تي خار ڪيو ويو.

فيصلي ۾ چيو ويو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري جي ملڪيت تي ٽيڪس معاملي جو جائزو لاڳاپيل فورم تي کنيو وڃي، ايف بي آر جي چيئرمين سموري معلومات سپريم جوڊيشل ڪائونسل ڏي موڪلي ويندي، ايف بي آر 7 ڏينهن جي اندر ان جي گهرواريءَ کي نوٽيس جاري ڪندو، نوٽيس جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سرڪاري گهر تي ڏنو ويندو، ريفرنس جو تفصيلي فيصلو ڪجهه دير بعد جاري ڪيو ويندو.

سپريم ڪورٽ طرفان ايف بي آر جي عملدارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هر پراپرٽي جو نوٽيس جاري ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔