وزيراعظم عمران خان ڪورڪميٽي جو اجلاس گهرائي ورتو

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان ڪورڪميٽي جو اجلاس گهرائي ورتو آهي.

وزيراعظم عمران خان اڄ شام ڪور ڪميٽي جو اجلاس گهرائي ورتو آهي، ذريعن موجب اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي ڪورونا صورتحال تي به غور ڪيو ويندو جڏهن ته حڪومتي اتحادي پارٽين جي خدشن بابت پڻ صلاح مشورو ڪيو ويندو.

ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪورونا وائرس ۽ ٻين معاملن تي حڪومتي فيصلن جو جائزو ورتو ويندو، وزيراعظم عمران خان ڪور ڪميٽي جي ميمبرن کي حڪومتي فيصلن تي اعتماد ۾ وٺندو، معاشي ٽيم ڪور ڪميٽي کي بجيٽ سميت احساس پروگرام، ٽائيگر فورس توڙي ٻين معاملن ۾ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔