ملڪ ۾ ڪورونا سبب رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر ۽ ٻين ڪرنسين جي ملهه ۾ واڌ

ڪراچي : ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال سبب رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر ۽ ٻين پرڏيهي ڪرنسي جي ملهه ۾ واڌ ٿي رهي آهي، جڏهن ته سون پڻ مهانگو ٿي ويو آهي. انٽر بينڪ ۾ ڊالر 64 پيسا مهانگو ٿيو ويو ۽ ڪاروبار جي پڄاڻي تي انٽر بينڪ ۾ ڊالر 166 رپيا 35 پيسن ۾ وڪرو ٿيو. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 60 پيسا واڌ سان 166 رپيا 60 پيسن تائين پهچي ويو. اوپن مارڪيٽ ۾ يورو هڪ رپيو مهانگو ٿي ڪري 186 رپيا 50 پيسا، ريال 30 پيسا مهانگو ٿي 44 رپيا ۽ درهم به 30 پيسا مهانگو ٿي 45 رپين جو ٿي ويو. هوڏانهن سنڌ صرافه بازار ۾ سون جو اگهه 99 هزا 3 سئو رپيا ٿي ويو، جڏهن ته 10 گرام سون 6 سئو رپيا واڌ بعد 85 هزار 134 رپيا ٿي ويو آهي. عالمي صرافا بازار ۾ سون 12 ڊالر واڌ سان 17 سئو 27 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔