ڏاج جو سامان ٻوڏ وهڪرن ۾ لڙهي وڃڻ تي 9 ڇوڪرين جي شادي جي ذميواري پنجاب جي گورنر کڻي ورتي

لاهور: پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر ٿهيم پارڪ ۾ ڏاج جو سامان ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي ويل فيملي سان ملڻ لاءِ پهچي ويو.

سردار سليم حيدر ٻوڏ سبب متاثر خاندانن جي 9 ڇوڪرين جي شادي جي ذميواري پنهنجي مٿان کڻي ورتي. ٿهيم پارڪ جي رهواسين پنجاب جي گورنر کي پاڻي ۾ ٻڏل پنهنجا گهر ڏيکاريا.

انهي موقعي تي پنجاب جي گورنر چيو ته روزاني جي بنياد تي ٻوڏ سبب متاثر خاندانن کي 3 وقتن جو کاڌو مهيا ڪيو ويندو. ريڊ ڪريسنٽ طرفان ميڊيڪل ڪيمپس لڳايا ويندا، هن چيو ته ٿهيم پارڪ هائوسنگ سوسائٽي ۾ خيما لڳائي ڏينداسين.

علائقي جي رهواسين پنجاب جي گورنر کي ڏوراپو ڏيندي چيو ته اسان جي مدد لاءِ ڪير به ناهي پهتو، ڪنهن به قسم جي سرڪاري مدد، رهائشي خيما، کاڌو، طبي سهولتون ناهن ڏنيون ويون پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻوڏ جي پاڻي مان پنهنجون حياتيون بچايون آهن.

ٻئي طرف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جي تباهين تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن ٻوڏ سبب متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. متاثر علائقن ۾ ريسڪيو اينڊ رليف آپريشن تي اطمينان جو اظهار پڻ ڪيو.

هن پاڪ فوج، وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي متاثرين جي فوري مدد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، هن جو چوڻ هو ته مشڪل جي هن وقت ۾ ٻوڏ متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ جي متاثر علائقن ۾ موجودگي متاثرين جي حوصلي جو سبب آهي مريم نواز جي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ڪم جي مانيٽرنگ جي حڪمت عملي تعريف جوڳي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔