بيجنگ: چين ۾ ٻئي جنگ عظيم جي فتح جي 80هين سالگره جي موقعي تي ڪوٺايل شاندار فوجي پريڊ ۾ ايشيا جا طاقتور ترين اڳواڻ گڏ نظر آيا.
بيجنگ ۾ ٿيل انهي عظيم الشان تقريب ۾ چين جو صدر شي جن پنگ روس جو صدر ولادي مير پيوٽن ۽ پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف گڏ پريڊ وينيو ۾ داخل ٿيا جنهن کي عالمي ميڊيا به ڀرپور ڪوريج ڏني.
پريڊ ۾ پاڪستان جي اعليٰ سطح جي شرڪت خطي ۾ انهي وڌندڙ اهميت کي اجاگر ڪندي آهي. ٽنهي اڳواڻن جي گڏ موجودگي کي ايشيائي طاقتن جي اتحاد جي نشاني قرار ڏنو ويندو آهي.
انهي موقعي تي ڀارتي وزيراعظم کي تقريب ۾ دعوت نه ڏني وئي جنهن تي مبصرين جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو خطي ۾ تبديل ٿيندڙ توازن جي عڪاسي ڪري ٿو.
چين جي اها عظيم الشان پريڊ نه صرف ماضي جي عظيم قربانين کي ياد ڪرڻ جو موقعو بڻيو پر خطي جي موجوده سياسي ۽ اسٽريٽجڪ صورتحال جو به عملي اظهار رهيو.