ڪالاباغ ڊيم جي تعمير پي ٽي آءِ جي پاليسي نه آهي، علي امين جو ذاتي بيان آهي: سلمان اڪرم راجا

راولپنڊي:

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جو ڪالاباغ ڊيم جي تعمير بابت بيان انهي جي ذاتي راءِ ٿي سگهي ٿي پر اها پارٽي جي پاليسي نه آهي.

راولپنڊي ۾ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم تي تحريڪ انصاف جي پاليسي چٽي آهي، سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي خدشن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. اهڙا منصوبا جن تي 2 صوبن کي اختلاف هجي، اهي وفاق  جي لاءِ نقصان ڏيندڙ ثابت ٿيندا آهن. هن چيو ته جيستائين سموريون ڌريون متفق نه ٿين سياسي هم آهنگي پيدا نه ٿيندي، اهڙي قسم جا منصوبا عمل جوڳا نه هوندا آهن.

سلمان اڪرم راجا چيو ته پارٽي عدليه جي آزادي ۽ جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد ڪري رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ صدارتي نظام جون ڳالهيون ڪرڻ تحريڪ انصاف جي پاليسي نه آهي، جيڪڏهن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اهڙو ڪو  بيان ڏنو آهي ته مان انهي کان وضاحت طلب ڪندس، اهو پارليامينٽ فارم 47 جي پيداوار آهي. آئيني ترميم جو اختيار نٿو رکي. هن چيوته پارلياماني نظام جي بجاءِ صدارتي نظام آڻڻ جي ڳالهه قبول ڪرڻ جوڳي نه آهي.

هن ڪيسز جي حوالي سان چيو ته اسان جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جن جو ڪوبه ثبوت موجود نه آهي. انهي جي باوجود سزائون ٻڌايون پيون وڃن. عدالتن ۾ ٻڌڻي ملتوي ڪئي ويندي آهي ۽ ڪيسز کي لٽڪايو ويندو آهي. وڏين عدالتن کي اهڙن معاملن تي رليف ڏيڻو پوندو آهي. جيڪڏهن مان لفظ(اميد) استعمال نٿو ڪريان پر ڪيترائي ڀيرا عدليه جي مجبوري سبب رليف ملي ويندو آهي.  

هن وڌيڪ ٻڌايو ته تحريڪ انصاف جي باني جي هدايت تي لاهور ۾ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي گڏجاڻي گهرائي وئي جنهن ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ سڀني کي پنهنجي کيسي مان تعاون ڪرڻ جي هدايت ڏني وئي، مان پاڻ سيالڪوٽ ۽ سمبڙيال ويس جتي به ممڪن هوندو اتي متاثرين جي مدد جاري رهندي. اسان جا ڪارڪن هر جڳهه تي پهچي رليف فراهم ڪري رهيا آهن.

هوڏانهن دهشتگردي جي انت واري عدالت راولپنڊي ۾ 26 نومبر جي احتجاج بابت 2 ڪيسز جي ٻڌڻي به ٿي پر جج جي موڪل سبب ڪارروائي نه ٿي سگهي عدالت سلمان اڪرم راجا ايڊووڪيٽ جي عبوري ضمانت ۾ 23 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي صدر ٿاڻي حسن ابدال جي جاچ آفيسرن کان رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔