ڪراچي: نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جو شاندار افتتاح سڀاڻي ٿيندو، ۽ ڳائڻو علي ظفر ان موقعي تي ڪرڪيٽ مداحن لاءِ پرفارم ڪرڻ لاءِ پرجوش آهي،پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جي شاندار افتتاح لاءِ انتظام شروع ڪري ڇڏيا آهن،پي سي بي موجب، ڪراچي جي سڀني ٽيسٽ ڪرڪيٽرن کي افتتاحي تقريب ۾ دعوت ڏني وئي آهي،بورڊ جو چوڻ آهي ته نيشنل اسٽيڊيم ۾ انڪلوزر جا نالا شاهد آفريدي ۽ يونس خان جي نالي تي رکيا پيا وڃن، ان کان اڳ ڳائڻي علي ظفر مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي ۽ چيو ته، “لاهور مزيدار آهي، هاڻي ايندڙ اسٽاپ 11 تاريخ تي ڪراچي اسٽيڊيم هوندو، انشاءَ الله، ڪراچي تيار آهي؟.