لاهور : پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي مشهور جوڙي ماورا حسين ۽ عامر گيلاني جي شادي جي پهرين وڊيو سامهون آئي آهي، جيڪي هاڻي حقيقي زندگي ۾ به جوڙو بڻجي چڪا آهن،ماورا ۽ عامر گذريل ڏينهن، 5 فيبروري تي انسٽاگرام تي پنهنجي شادي جون تصويرون شيئر ڪيون. ٻنهي هڪ فوٽو شوٽ شيئر ڪيو جيڪو لاهور جي شاهي قلعي ۾ ٿيو، تصويرن جي ڪيپشن ۾ ماورا لکيو دنيا جي رش جي وچ ۾ مون توهان کي حاصل ڪيو ۽ ،ماورا امير جي ٿي وئي ، هيش ٽيگ پڻ استعمال ڪيو. بعد ۾ اداڪار جوڙي شادي جون وڌيڪ تصويرون جاري ڪيون، جنهن کان پوءِ مداحن ۽ مشهور اداڪارن جوڙي کي مبارڪون ڏيڻ شروع ڪيون. هاڻي، 6 فيبروري جي صبح جو، فوٽوگرافر ماورا ۽ عامر جي شادي جي هڪ مختصر وڊيو جاري ڪئي، جنهن ۾ تقريب جا ڪجهه نمايان واقعا ڏيکاريا ويا آهن. ان کان علاوه، فوٽوگرافر پنهنجي ڪهاڻي تي ماورا ۽ عامر جي شادي جي انگوٺين جو هڪ ٿيلهو پڻ شيئر ڪيو، جيڪو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي.ٿيلهي تي ماورا ۽ عامر جو نالو لکيل هو، جڏهن ته شادي جي وڊيو ۾ امير جي داخلا، ماورا جي پنهنجي والدين سان گڏ داخلا، ۽ امير پاران ماورا جي هٿ ۾ انگوٺي لڳائڻ جون جھلڪون شامل هيون.