حڪومت پاران مارچ مهيني کان بجلي جي قيمت ۾ نمايان گهٽتائي جو فيصلو

اسلام آباد: وفاقي حڪومت بجلي جي قيمت ۾ نمايان گهٽتائي جو فيصلو ڪري ورتو جنهن جي تحت مالي سال 2024-25 جي دوران ٽن مهينن لاءِ 2 روپيه في يونٽ گهٽ ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ايڊجسٽمينٽ جي درخواست به نيپرا کي جمع ڪرائي وئي آهي. منظوري جي صورت ۾ مارچ 2025 کان بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن سان عوام کي 52 ارب روپين کان وڌيڪ جو رليف ملندو.

نيپرا 12 فيبروري 2025 تي درخواستن تي عوامي ٻڌڻي ڪندو. گهٽتائي مارچ، اپريل ۽ مئي جي مهينن ۾ بجلي جي قيمتن تي اثر انداز ٿيندي.  ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي به ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ لاڳو هوندي. جڏهن ته لائف لائن صارفين کي رليف نه ڏنو ويندو

facebook sharing button
twitter sharing button
pinterest sharing button
email sharing button
sharethis sharing button

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔