وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن واري مختصر دوري تي لاڙڪاڻو پهتو

لاڙڪاڻو: وزيراعظم عمران خان سنڌ جي شهرن ڪراچي ۽ گهوٽڪي کان پوءِ پهريون ڀيرو ڪالهه هڪ ڏينهن واري مختصر دوري تي لاڙڪاڻي پهتو.

جتي پوليس ٽريننگ اسڪول سينٽر ۾ هيلي ڪاپٽر کان لهي وزيراعظم عمران خان گورنر سنڌ عمران اسماعيل وفاقي وزير علي زيدي، محمد ميان سومرو، معاون خصوصي ثانيه نشتر، سنڌ اسيمبليءَ ۾ پي ٽي آءِ جو اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ۽ ٻين سان گڏجي پي ٽي آءِ اڳواڻ سيف الله ابڙو طرفان ڏنل مانجهاندي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

انصاف هائوس لاڙڪاڻي ۾ وزيراعظم عمران خان سان جي ڊي اي اڳواڻ علي گوهر خان مهر ۽ ايم اين اي محمد ميان سومرو سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ جي ڊي اي اڳواڻ علي گوهر خان مهر پنهنجي علائقي ۾ ماڪڙن جي حملي ۾ ٿيل نقصان سان گڏ سنڌ حڪومت تي خدشن کان علاوه امن امان جي خراب صورتحال بابت وزيراعظم کي آگاهي ڏني جنهن تي وزيراعظم عمران خان کين مسئلن جي حل سميت وفاقي بجيٽ کان فوري بعد سنڌ جي لاءِ جامع پاليسين ۽ ٻين پروگرامن جي خاطري به ڪرائي.

ان بعد وزيراعظم عمران خان سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ قائم ڪيل احساس ڪفالت پروگرام سينٽر پهتو جتي، هن احساس پروگرام جي چيئرپرسن ثانيه نشتر سان گڏجي لاڪ ڊائون ۾ بيروزگار ٿيل ڏهاڙيدار مزدور طبقي ۾ 12 هزار روپين جا چيڪ ورهايا.

هوڏانهن وزيراعظم جي آمد جي موقعي تي لاڙڪاڻي ۾ سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪندي انصاف هائوس ٻاهران وڏي تعداد ۾ رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو. ان کان اڳ وزيراعظم جي پروٽوڪول ۾ 37 گاڏيون شامل هيون. لاڙڪاڻي جي مختصر دوري بعد وزيراعظم عمران خان سکر جي لاءِ روانو ٿي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔