اپوزيشن جي گوڙ ۾ سنڌ جي 18 ارب 38 ڪروڙ رُپين جي خساري واري بجيٽ پيش

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه اپوزيشن جي گوڙ دوران 18 ارب 38 ڪروڙ رُپين جي خساري واري بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، مالي سال 21-2020 جي صوبائي بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 12 کرب 41 ارب 13 ڪروڙ رُپيا لڳايو ويو. بجيٽ ۾ ڪُل ٽئڪس اوڳاڙي جو هدف هڪ کرب 22 ارب رُپيا مقرر ڪيو ويو، بجيٽ ۾ ترقياتي خرچن جو ڪاٿو 223 ارب ۽ غير ترقياتي خرچن جو 9 کرب 86 ارب رُپيا ڪاٿو لڳايو ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽئڪس نه لڳايو ويو آهي، بجيٽ ۾ تعليم لاءِ 244 ارب، صحت لاءِ 193 ارب رکيا ويا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته زراعت کاتي لاءِ 15 ارب 84 ڪروڙ ۽ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ 44 ڪروڙ رُپيا مخصوص ڪيا ويا جڏهن ته آبپاشي کاتي جي بجيٽ 23 ارب مان گهٽائي 17 ارب رُپيا ڪئي وئي. سنڌ حڪومت هڪ کان 16هين گريڊ تائين سرڪاري ملازمن لاءِ 10 سيڪڙو ۽ 17 کان 22 گريڊ تائين سرڪاري ملازمن لاءِ 5 سيڪڙو پگهار وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. وڏي وزير ڪورونا سان فرنٽ لائين تي ويڙهه ڪندڙ ڊاڪٽرز ۽ پئراميڊيڪل سوڌو صحت کاتي جي ملازمن کي رسڪ الائونس طور هڪ بُنيادي پگهار اضافي ڏيڻ جو اعلان به ڪيو. سنڌ سرڪار جي بجيٽ ۾ سالياني ترقياتي پروگرام۾ 58 ارب رُپين جي ڪٽوتي ڪري هڪ کرب 70 ارب رُپيا مخصوص ڪئي وئي. وڏي وزير موجب ترقياتي اسڪيمن ۾ ڪورونا کي منهن ڏيڻ واري ڪووِڊ ريسپانس پروگرام لاءِ 50 ارب رُپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي. سالياني ترقياتي رٿائن واري پروگرام ۾ زراعت کاتي لاءِ 10 ارب 47 ڪروڙ، اوقاف کاتي لاءِ 99 ڪروڙ، بورڊ آف روينيو لاءِ 61 ڪروڙ 80 لک ۽ ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 36 ڪروڙ 70لک رُپين جون رٿائون شامل ڪيون ويون وڏي وزير چيو آهي ته سياحت ۽ ثقافت کاتي لاءِ 83 ڪروڙ، تعليم کاتي جي اسڪول ۽ ڪاليج ايجوڪيشن سوڌو ٻين شعبن لاءِ 23 ارب 39 ڪروڙ رُپين جون ترقياتي رٿائون رکڻ جي تجويز آهي. وڏي وزير چيو آهي ته سالياني ترقياتي پروگرام ۾ توانائي شعبي لاءِ 4 ارب 30 ڪروڙ، ٻيلي کاتي لاءِ 5 ڪروڙ، گورنر سيڪريٽريٽ لاءِ 3 ڪروڙ، صحت لاءِ 28 ارب 89 ڪروڙ ۽ آبپاشي کاتي لاءِ 17 ارب 92 ڪروڙ رُپين جون اسڪيمز به شامل آهن. وڏي وزير جي بجيٽ تقرير دوران اپوزيشن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ بجيٽ جون ڪاپيون ڦاڙي نعريبازي پڻ ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔