وفاقي حڪومت سنڌ جي 229 ارب روپين تي ڌاڙو هنيو آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي 229 ارب روپين تي ڌاڙو هنيو آهي. 

ڪراچي ۾ پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل سال اسان متوازن بجيٽ ڏنو هو پر  هن سال ڪورونا سبب نقصان ٿيو آهي. جڏهن ته ان کان  علاوه  ٿيندڙ نقصان وفاقي حڪومت جي نااهلي آهي.  اسان کي هن سال  وفاق کان 229 ارب روپيه گهٽ ملندا. ان کي 220 ارب جو ڌاڙو نه چوان ته ٻيو ڇا چوان.

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته محسوس ٿي رهيو آهي ته وفاق جا اعلان ڪيل انگ اکر به صحيح ناهن. وفاقي اڃان تائين سنڌ کي 606 ارب جي مقابلي ۾ 553 ارب روپيه ڏنا آهن جڏهن ته سنڌ جي نالي چيو پيو وڃي ته ايندڙ سال ان کي 760 ارب روپيه ملندا.  مراد علي شاهه چيو ته ترقياتي بجيٽ 233 ارب روپيه رکيو آهي ته جڏهن ته 700 اسڪيمون هن سال مڪمل ڪنداسين ۽ پراڻي اسڪيمن کي 25 سيڪڙو رقم ڏني آهي. سوائي صحت کاتي جي ٻئي ڪنهن به کاتي جي نئين اسڪيم شامل  ناهي ڪئي.

ان کان علاوه اسان  سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ ڪئي. هن چيو ته اسان  هن مشڪل  حالتن ۾ اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته سرڪاري ملازمن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه  چيو ته ڪورونا متاثرين کي 23 ارب روڪ رليف جي سهوليت ڏينداسين.  5 ارب انڊسٽري جي معرفت ننڍي ڪاروبار کي قرض ڏينداسين جيڪي ڪورنا سبب متاثر ٿيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔