ملڪ ۾ ڪورونا سبب 3000 کان وڌيڪ فوتگيون

اسلام آباد:  پاڪستان ۾ ڪورونا جا متاثر تيزي سان وڌڻ لڳا. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسن جو انگ هڪ لک 60 هزار 118 تائين پهچي ويو جڏهن ته 24 ڪلاڪن دوران 118 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 3 هزار 93 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 هزار 358 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 60 هزار 138، سنڌ ۾ 59 هزار 983، خيبرپختونخواهه ۾ 19 هزار 613، بلوچستان ۾ 8 هزار 794، گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 213، اسلام آباد ۾ 9 هزار 637 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 740 ڪيس رپورٽ ٿيا.

سڄي ملڪ ۾ هينئر تائين 9 لک 82 هزار 12 ڄڻن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 هزار 500 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا هينئر تائين 59 هزار 215 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا سبب هڪ ئي ڏينهن ۾ 118 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 3 هزار 93 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ هڪ هزار 202، سنڌ ۾ 916، خيبرپختونخواهه ۾ 755، اسلام آباد ۾ 94، گلگت بلتستان ۾ 18، بلوچستان ۾ 93 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 15 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔