ملڪ ۾ پيٽرول بحران جون ذميوار 9 تيل ڪمپنيز قرار

اسلام آباد : ملڪ ۾ پيٽرول بحران جون ذميوار 9 تيل ڪمپنيز قرار، پيٽروليم وزارت وزيراعظم عمران خان آڏو جاچ ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، ڊي جي آئل جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل 8 رُڪني ڪميٽي جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته آئل مارڪيٽنگ ڪمپنيز وفاقي سرڪار مٿان دٻاءُ وڌائڻ لاءِ پيٽرول جو بحران پيدا ڪيو، 9 ڪمپنيز جي ڳٺ جوڙ پيٽرول مهانگو ڪرڻ لاءِ هٿرادو بحران پيدا ڪيو هو، وزيراعظم جاچ ڪميٽي جي سفارشن تحت تيل ڪمپنيز خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اهڙا اپاءَ ورتا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ پيٽرول جو بحران پيدا نه ٿي سگهي، تيل ڪمپنيز کي پيٽرول جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ پابند ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔