وزيراعظم مذاڪراتي ڪميٽي کي اختر مينگل سان سرچاءُ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد :بي اين پي سوڌو سموريون اتحادي جماعتون اهم آهن، کين ناراض نه ڪيو ويندو، وزيراعظم عمران خان پرويز خٽڪ جي سربراهيءَ ۾ جُڙيل مذاڪراتي ڪميٽي کي اختر مينگل سان سرچاءُ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو، ٻين اتحادي جماعتن جا به خدشا ختم ڪرڻ جي به هدايت، ذريعن موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ مذاڪراتي ڪميٽي جي اجلاس دوران بي اين پي جي 6 مطالبن ۽ خدشن جو جائزو ورتو ويو، ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي اختر مينگل چيو آهي ته لڳي ٿو ته حڪومت سنجيده نه آهي، مسئلا حل ڪرڻ بدران رڳو ڪميٽيزي ٺاهيون پيون وڃن، بلوچستان جو مسئلو سياسي آهي، خدا جي واسطي جيڪڏهن بلوچستان کي گڏ کڻي هلڻ چاهيو ٿا ته معاهدن تي عمل ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔