سليڪٽڊ وزيراعظم جو سنڌ وارو دورو عوام جي ڦٽن تي لوڻ هارڻ لاءِ هو: بلاول ڀٽو

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول  ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جو پهريون ڪيس اچڻ جي 6 مهينن کان پوءِ سليڪٽيڊ وزيراعظم سنڌ جو دورو ڪيو.

ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سليڪٽڊ وزيراعظم جو سنڌ وارو دورو صرف عوام جي ڦٽن تي لوڻ هارڻ جي لاءِ هو.

سليڪٽڊ وزيراعظم فاقه ڪشي ۽ وبا کان بچاءُ جي لاءِ ڪجهه به ڪرڻ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ وبا دوران سنڌ جي 229 ارب روپين تي ڌاڙو هنيو ويو. بجيٽ دٻاءُ جو شڪار ۽ اسان جي صحت کاتي واري کاتي جي حق ۾ نه هو. سليڪٽڊ وزيراعظم اسان جي هارين کي ماڪڙ ۽ معاشي تباهي جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي.

بلاول ڀٽو چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پورگرام تحت غريبن جي امداد گهٽ ڪئي وئي. سليڪٽڊ وزيراعظم اسٽيل ملز جي 10 هزار ملازمن کي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو پر ڊيم جي تعمير لاءِ 80 ارب روپيه ڳولي ورتا.

پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته عمران خان سنڌ ۾ ڪورونا جي خلاف جدوجهد ڪندڙن سان ملاقات کان انڪار ڪيو. پنهنجو سڀ ڪجهه داءُ تي لڳائي اسان جون حياتيون بچائيندڙ ڊاڪٽر ۽ سنڌ ۾ ٽيم جي اڳواڻي ڪندڙ وڏي وزير سان عمران خان ملاقات کان انڪار ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔