ڀارت پاران دهشتگرد تنظيمن جي کلي عام حمايت کي وائکو ڪندا رهنداسين: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ چٽو موقف اختيار ڪندي چيو ويو آهي ته ڀارت جي طرفان دهشتگرد تنظيمن جي کلي عام حمايت کي وائکو ڪيو ويندو رهندو.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ پاڪستان جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي غور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ افغان امن عمل تي مثبت اڳڀرائي ۽ ان جي اثرن تي به اطمينان جو اظهار ڪندي مغربي سرحد جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو.

ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس قومي ادارن جي ذريعي مغربي سرحد تي صورتحال معمول تي رکڻ لاءِ اپاءُ جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، جڏهن ته ڀارتي جارحاڻه ارادن جو به جائزو ورتو ويو.

فوجي سربراهن ملڪ ۾ تشدد جي واقعن ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي طرفان دهشتگرد تنظيمن جي کلي عام حمايت، معصوم ڪشميرين ۽ مسلمانن تي ظلم ۽ تشدد کي بي نقاب ڪرڻ جو عمل جاري رکيو ويندو.

اجلاس ۾ ڪورونا وبا جي خلاف حڪومتي قدمن ۾ پاڪ فوج جي تعاون، ماڪڙ جي حملن خلاف آپريشن ۽ پوليو کي ختم ڪرڻ واري مهم تي به غور ڪيو ويو.

شريڪ ٿيندڙن جو چوڻ هو ته فوج ان آپريشنز ۾ حڪومت کي تعاون فراهم ڪندي رهندي. ڪورونا وبا جي خلاف هڪ قومي سوچ سان گڏ نبرجي سگهجي ٿو. هر شخص کي احتياطي اپائن ۽ اصولن تي عملدرآمد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔