اسلام آباد: اسٽار لنڪ پاڪستان ۾ 2 کان 3 گرائونڊ اسٽيشن ٺاهڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.پي ٽي اي دستاويز موجب، ڪمپني ليو سيٽلائيٽ ذريعي پاڪستاني صارفين کي سڌو انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ چاهي ٿي.ايلون مسڪ جي ڪمپني ايس اي سي پي ۾ هڪ پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني جي طور تي رجسٽر ٿي چڪي آهي.پي ٽي اي سڀني ريگيوليٽري گهرجن کي پورو ڪرڻ کان پوءِ اسٽار لنڪ کي انٽرنيٽ سروسز لائسنس جاري ڪندو.