عامر جمال کي ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ مان ٻاهر ڪرڻ جو فيصلو

لاهور : پاڪستاني فاسٽ بالر عامر جمال کي ڏکڻ آفريڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ مان ڊراپ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب فاسٽ بالر عامر جمال سينچورين ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ صرف هڪ اوور ڪيرايو.عامر جمال سينچورين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 8 اوور ڪرايا ۽ ٻي اننگز ۾ رڳو هڪ اوور ڪيو.عامر جمال جي جاءِ تي کاٻي هٿ جو فاسٽ بالر مير حمزه ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جا قوی امڪان آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته کاٻي هٿ جي اسپنر نعمان علي جي کيڏڻ جو امڪان ناهي.پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ سڀاڻي ڪيپ ٽائون ۾ شروع ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔