انهن ماڻهن سان وقت گذاريو جيڪي اوهان لاءِ بهتر سوچ رکندا هجن: صاحبه

لاهور: پاڪستان جي اڳوڻي اداڪاره صاحبه چيو آهي ته ڪوشش ڪريو ته ان ماڻهن سان وقت گذاريو جيڪي اوهان جي لاءِ بهتر سوچ رکندا هجن.

هن سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ ان جي مسڪراهٽ واضح طور تي نظر اچي رهي آهي. صاحبه پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو آهي ته ڪوشش ڪريو ته پنهنجي زندگي ۾ بهتر سوچ رکندڙ ماڻهن کي شامل ڪريو ته جيئن اوهان ذهني دٻاءُ کان پري رهو.

هن وڌيڪ چيو ته بهتر سوچ رکندڙ ماڻهن سان زندگي جو سفر بهتر گذرندو آهي هو اوهان جو هر وقت خيال رکندا آهن ۽ زندگي ۾ ڪنهن به وقت اوهان جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندا آهن. اوهان هميشه کلندا رهو اسان کي به گهرجي ته اسان ٻين لاءِ بهتر سوچ رکون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔