ضرورت پوڻ تي انگلينڊ ۾ ٽيسٽ ميچ کيڏڻ لاءِ تيار آهيان: وهاب رياض

لاهور: ٽيسٽ ڪرڪيٽ کان بيزار قومي فاسٽ بالر وهاب رياض آخرڪار حالتن کان تنگ ٿي انگلينڊ ۾ ٽيسٽ ميچ کيڏڻ لاءِ ها ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو آهي ته جيڪڏهن ٽيم کي منهنجي ضرورت پئي ته مان انگلينڊ ۾ ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جي لاءِ تيار آهيان. واضح رهي ته تجربيڪار پيسر وهاب رياض کي 2020-21 جي سيزن لاءِ سينٽرل ڪانٽريڪٽ به نه ملي سگهيو جڏهن ته کيس ماضي ۾ قومي ٽيم لاءِ به قابل غور نه سمجهيو ويو جنهن کان پوءِ هن ٽيسٽ ڪرڪيٽ کان پاسو ڪرڻ جو سوچيو  هو.

هن وقت حالتون بهتر نه هجڻ سبب هن اعلان ڪيو آهي ته انگلينڊ جي دوري تي جيڪڏهن منهنجون خدمتون گهرجنديون ته مان ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جي لاءِ به تيار آهيان. چيف سليڪٽر مصباح الحق به ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته وهاب رياض سان منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي. جنهن ضرورت وقت ڊگهي فارميٽ لاءِ کيڏڻ لاءِ ها ڪري ڇڏي آهي.

قومي چيف سليڪٽر موجب مون اسڪواڊ ۾ 10 فاسٽ بالر ۽ 4 اسپنرز ان ڪري شامل ڪيا ويا آهن ته جيئن ڪورونا وائرس تي پروٽوڪولز تحت نئين پليمنگ ڪنڊيشن لاءِ ڪجهه وقت گهرجندو پر اميد آهي ته مان بال چمڪائڻ جي لاءِ پِڪ جو استعمال نه ڪرڻ سان گڏ وڪيٽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ جشن ملهائڻ جي روايت کان به  پاسو ڪرڻ سکي ويندس

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔