سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري

ڪراچي:سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري آهن، وڌيڪ 15 مريض فوت ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 831 ٿي ويو، 2 هزار 287 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ 53 هزار 805 ٿي ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا بابت انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته اڄ رڳو ڪراچي ۾ 1499 ڪيس سامهون آيا آهن. وڏي وزير وڌيڪ چيو آهي ته سجاول ۾ 68، خيرپور ۾ 49، حيدرآباد ۾ 44، گهوٽڪي ۾ 39، مٽياري ۾ 38 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 37 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير موجب لاڙڪاڻي ۾ 22، سانگهڙ ۾ 20، ميرپورخاص ۾ 15، ڪشمور ۾ 14، ڄامشورو ۾ 13، سجاول ۾ 10ڄڻا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا. وڏي وزير چيو آهي ته شڪارپور ۽ دادو ۾ 7-7، بدين ۾ 4، ٺٽو ۾ 3، نوشهروفيروز ۾ 3 ۽ قمبر ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته هن وقت 573 مريضن جي هالت ڳڻتي جوڳي آهي، جنامان 80 مريصن وينٽي لينٽرز تي آهي. وڏي وزير موجب اڄ 12 19 مريض صحتياب ٿي ڪري گهرن ڏانهن هليا ويا، هيل تائين صحتياب ٿيلن جو تعداد 25 هزار 606 ٿي ويو آهي. وڏي وزير عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪري پاڻ ۽ ٻين کي بچايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔