سنڌ جي مالي سال 2020_2021ع جي بجيٽ 17 جون تي پيش ڪئي ويندي

ڪراچي :سنڌ جي مالي سال 2020ع 2021ع جي بجيٽ 17 جون تي پيش ڪئي ويندي. ذريعن موجب سنڌ جي صوبائي بجيٽ جو ڪاٿو 1230 ارب روپيا هوندو. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جي تجويز ناهي. نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ اي ڊي پي لاءِ 160 ارب روپيا رکڻ جي تجويز آهي. بجيٽ ۾ صحت کاتي لاءِ 110 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي. ذريعن موجب صحت کاتي جي ترقياتي رٿائن لاءِ 25 ارب روپيا رکيا ويندا. تعليم کاتي لاءِ 190 ارب روپيا رکڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي.نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ نئون ٽيڪس نه لڳايو ويندو. زراعت، ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ ننڍا ننڍا قرض ڏيڻ جي تجويز شامل آهي. ذريعن موجب بجيٽ ۾غربت جي خاتمي لاءِ ڪيش ٽرانسفر اسڪيم متعارف ڪرائڻ جي تجويز ڏني ويندي. بجيٽ ۾ ترقياتي پروگرام جي رقم مان 25 کان 30 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔