ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ گهٽتائي ،ڊالر جو اگهه برقرار

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي آهي جڏهن ته ڊالر ڊالر جو اگهه برقرار رهيو. ڪالهه سون جو اگهه هڪ لک 6 هزار 553 رپيا رهيو جڏهن ته هڪ ڏينهن اڳ تولي جو اگهه هڪ لک 7 هزار 173 رپيا هو، اهڙي ريت 24 ڪلاڪن ۾ في تولي جي اگهه ۾ 620 رپيا گهٽتائي آئي. سون جي 10 گرام جي قيمت 91 هزار 449 رپيا رهي. چاندي 8 رپيا تولو سستي ٿي وئي ۽ نئون اگهه هڪ هزار 77 رپيا في تولو رهيو. انٽربينڪ ۾ ڪالهه ڊالر جو اگهه 165 رپين تي برقرار رهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔