سنڌ حڪومت ملڪ ۾ 15 ڏينهن لاءِ ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون لڳائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ حڪومت وفاق کي سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ 15 ڏينهن جي لاءِ ڪرفيو جهڙو لاڪ ڊائون لڳائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ملڪ جي سمورن شهرن مان مريض سامهون اچي رهيا آهن اهڙي صورتحال ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون سمجهه ۾ نه پيو اچي. هن چيو ته سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ تمام گهڻو غور ويچار ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔