چين مان امدادي سامان کڻي هڪ ٻيو جهاز پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد: چين مان امدادي سامان کڻي هڪ ٻيو جهاز پاڪستان پهچي ويو آهي. نيشنل ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽِي(اين ڊي ايم اي) جي ترجمان چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام جي طرفان چين جا ٿورائتا آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته صوبا جيتريون به ٽيسٽون ڪرڻ چاهين ٿا ڪن سامان جي ڪابه کوٽ ناهي.  اين ڊي ايم اي جي ترجمان چيو ته ڪورونا وائرس جي مريضن لاءِ وينٽي ليٽر کان وڌيڪ آڪسيجن جي ضرورت آهي.

نيشنل ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي جي ترجمان چيو آهي ته صوبن کي 250 وينٽي ليٽر ڏئي چڪا آهيون. اين ڊي ايم اي جي ترجمان چيو هو ته اسان وٽ وڌيڪ 600 وينٽي ليٽر موجود آهن. پشاور ۽ ڪراچي وڃي صورتحال جو جائزو وٺنداسين.

هن وڌيڪ چيو ته مون کي اميد آهي ته لاهور جي ضرورت پوري ڪئي ويندي. ياد رهي ته پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي رڪارڊ 11 فوتگيون ٿيون جنهن کان پوءِ فوتگين جو گڏيل انگ 2 هزار 839 ٿي ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔