ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب رڪارڊ111 فوتگيون

اسلام آباد: پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي رڪارڊ 111  فوتگيون ٿيون جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 2 هزار 839 ٿي ويو آهي.

سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 4 هزار 443 ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ متاثر ماڻهن جو انگ هڪ لک 48 هزار  921 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب  سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب متاثر 56 هزار 390 مريض صحتياب ٿي ويا.

پاڪستان جي صوبي پنجاب ۾ ڪورونا جا سڀني کان وڌيڪ مريض آهن جتي هنيئر تائين 55 هزار  878 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾ 55 هزار 581، خيبرپختونخواهه ۾ 16 هزار 472،  بلوچستان ۾ 9 هزار  326، اسلام آباد ۾ 8 هزار 857، آزاد ڪشمير ۾ 663 ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ هزار 143 ڪيس رپورت ٿي چڪا آهن. 

ڪورونا وائرس سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون به  پنجاب ۾ ٿيون آهن جتي هڪ هزار ايڪاسي ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. سنڌ ۾  853 خيبرپختونخواهه ۾ 707، اسلام آباد ۾ 83، گلگت بلتستان ۾ 17، بلوچستان ۾ 85 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 13 ڄڻا ڪورونا وائرس وگهي حياتيون وڃائي چڪا آهن. سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 25 هزار کان وڌيڪ ٽيسٽ ڪيا ويا جڏهن ته گڏيل طور تي 9 لک 22 هزار 665 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

وزيراعظم جي صحت بابت صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرز چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن دوران پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي ۽ فوتگيون به وڌنديون. هن خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي ڪيسن ۽ فوتگين ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسپتالن ۾ وينٽي ليٽرز تي به مريضن جي انگ ۾ واڌ ٿيندي. ظفر مرزا چيو ته پاڪستان جي ڏوراهين علائقن ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس وڌيڪ آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔