موسميات کاتي پاران هلندڙ هفتي دوران سخت گرمي جي اڳڪٿي

اسلام آباد: موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ملڪ جي ميداني علائقن ۾ هلندڙ هفتي سخت گرمي پوندي. موسميات کاتي موجب مختلف علائقن جو گرمي پد 40 کان 45 سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي.

جڏهن ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ هيٽ انڊيڪس 45 سينٽي گريڊ تائين وڌي ويندو. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته هلندڙ مهيني جي آخر ۾ چوماسي جي برساتن جو امڪان آهي. جڏهن ته هلندڙ هفتي جي آخر ۾ اسلام آباد، راولپنڊي ۽ لاهور ۾ چوماسي جي پهرين برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ايبٽ آباد، مظفر آباد سميت ملڪ جي ڪجهه مٿانهين علائقن ۾ به چوماسي جي جي پهرين برسات جو امڪان آهي ۽ سنڌ جي وارياسي علائقي ٿرپارڪر ۾ به هلندڙ هفتي چوماسي جي پهرين برسات جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔