وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچندو. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان پنهنجي ڪراچي جي دوري دوران ڪورونا وائرس بابت اجلاس جي صدارت ڪندو.

وزيراعظم سان سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ملاقات ڪندو. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان اربع تي لاڙڪاڻي جي مختلف اسپتالن جو دورو به ڪندو. وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن لاهور جو به دورو ڪيو هو جتي هن ڪورونا سميت اهم صوبائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ وزيرن جي ڪارڪردگي جو جائزو به ورتو.

لاهور ۾ ڪورونا بابت اجلاس جي صدارت کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي وزيراعظم چيو هو ته امير ملڪ به لاڪ ڊائون ناهن ڪري رهيا ته پاڪستان ڪمزور معيشت سان گڏ ڪيئن لاڪ ڊائون ڪري سگهي ٿو. مڪمل لاڪ ڊائون جو ڪمزور طبقي تي وڏو وزن پوندو آهي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته  ملڪ ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ جي باوجود  ملڪ ۾ لاڪ ڊائون برداشت نٿا ڪري سگهون. هلندڙ حالتن کي  سامهون رکندي پنجاب ۾ سليڪٽڊ لاڪ ڊائون ڪنداسين ۽ ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪرائينداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔