ملڪ جي مٿانهين علائقن، اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ زلزلي جا لوڏا

اسلام آباد: جاڙن شهرن راولپنڊي، اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن سبب ماڻهو ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.

زلزلو ماپ ڪندڙ مرڪز موجب ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.7 رڪارڊ ڪئي وئي آهي. مردان، نوشهره، شانگله ۽ ڀرپاسي ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. 

جڏهن ته مالاڪنڊ ڊويزن ۾ به زلزلي سبب ماڻهو ڊپ وچان گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.

رپورٽ موجب سوات، لوئر دير، تيمر ڳڙهه ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا ۽ ان سان گڏ ئي ايبٽ آباد ۽ بونير ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.

زلزلي جو مرڪز تاجڪستان هو ۽ زلزلي جي زمين اندر گهرائي 112 ڪلو ميٽر هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔