آمريڪي ادارا ڪلوروڪوئن دوا مان فائدو نه پيا کڻن: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ٻيا ملڪ ڪورونا مريضن کي ڪلوروڪوئن دوا ڏئي فائدو کڻي رهيا آهن پر آمريڪي ادارا ان ۾ ناڪام رهيا آهن.

صدر ٽرمپ اها ڳالهه ان موقعي تي چئي آهي جڏهن آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن ڪورونا مريضن جي لاءِ بائيڊروآڪسي ڪلوروڪوئن جي هنگامي صورتحال ۾ استعمال جو اختيار واپس وٺي ڇڏيو آهي. مليريا جي خلاف استعمال ٿيندڙ هي دوا صدر ٽرمپ ڪورونا کان بچڻ جي لاءِ نه صرف پاڻ استعمال ڪندو رهيو آهي پر ان جي کليل طريقي سان وڪالت به ڪندو رهيو آهي. پر ايف ڊي اي نئين شاهدين جي آڌار تي واضح ڪيو آهي ته ان ڳالهه تي يقين جو جواز ئي ناهي ته ڪلوروڪوئن ڪورونا وائرس جي خلاف بهتر ثابت ٿي سگهي ٿي.

وائٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي صدر ٽرمپ اها غير سائنسي ڳالهه به ڇئي ته ڪورونا ٽيسٽنگ فوري طور تي روڪي وڃي ته ڪوورنا جا تمام گهٽ ڪيس سامهون ايندا. ٽرمپ جي ان ڳالهه تي سوشل مڊيا صارفين سوال اٿاريو آهي ته ڇا ڪينسر جو ٽيسٽ نه ڪيو وڃي ته ان جا ڪيس به سامهون نه ايندا. يا قتل جي جاچ روڪي وڃي ته ڇا قتل به رڪجي ويندا.

واضح رهي ته آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن ڪلوروڪوئن ۽ بائيڊروڪسي ڪلوروڪوئن کي هنگامي حالتن ۾ استعمال ڪرڻ جو اجازت نامو رد ڪري ڇڏيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔