ڪورونا کي نظر ۾ رکندي آسڪرز ايوارڊ جي تقريب 2 مهينن لاءِ ملتوي

لنڊن: عالمي وبا ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي فلمي دنيا جي سڀني کان وڏي ميلي آسڪرز ايوارڊ جي تقريب ٻن مهينن جي لاءِ ملتوي ڪئي وئي.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪورونا سبب ڪيل لاڪ ڊائون   سبب فلمن جي رليز جي تاريخ به اڳيان وڌائي وئي آهي. ٻئي طرف آسڪرز ۾ نامزدگي جي اهل فلمن جي لاءِ تاريخ ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي ۽ هاڻ 28 فيبروري 2021 تائين جاري ڪيل فلمن جي مقابلي ۾ حصو وٺي سگهندا.

حالتن کي نظر ۾ رکندي هاڻ اهو طئي ڪرڻ باقي آهي ته هي تقريب اڳيان جيان لائيو ٿيندي يا نئين حالتن موجب ورچوئل ٿيندي. اڪيڊمي جي منتظمين موشن پڪچرز ميوزيم جو افتتاح به 30 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي هي ميوزيم آمريڪي رياست لاس اينجلس ۾ قائم ڪيو پيو وڃي.

ٻئي طرف ٽيليويزن جي ايمي ايوارڊز جي منتظمين هن ايوارڊ جي تقريب کي لاڳيتو سيپٽمبر ۾ ئي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته ڪورونا وائرس سبب جتي دنيا جي معيشت متاثر ٿي آهي اتي ئي  هن وبا سبب شوبز جي انڊسٽري به سخت متاثر ٿي رهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔