سعودي عرب پاران هلندڙ سال حج ملتوي ڪرڻ تي غور شروع

رياض: ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي سعودي حڪومت هلندڙ سال حج ملتوي ڪرڻ تي سنجيدگي سان غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.

رپورٽ موجب سعودي عرب جي اختيارين 1932ع ۾ سلطنت جي قيام کان پوءِ پهريون ڀيرو هلندڙ سال حج ملتوي ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب سعودي وزارت حج ۽ عمري جي سينئر عهديدارن برطانوي اخبار کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس هڪ لک کان وڌيڪ ٿيڻ کان پوءِ اختياريون هلندڙ سال حج ملتوي ڪرڻ تي غور ڪري رهيون آهن.

هن چيو ته اختياريون معاملي جو جائزو وٺي رهيون آهن ۽ مختلف معاملن تي غور ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته باضابطه فيصلو هڪ هفتي جي اندر ڪيو ويندو.

واضح رهي ته  ڪورونا وائرس سعودي عرب ۾ به تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جتي ڪيسن جو انگ هڪ لک کان مٿي ٿي ويو آهي جنهن سبب سعودي عرب به پرڏيهين جي عمري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته ٻين ملڪن کي في الحال حج جا معاهدا ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ مسلمانن جي وڏي آبادي وارو ملڪ انڊونيشيا شهرين کي حج تي نه موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ملائيشيا به ساڳيو ئي فيصلو ڪيو آهي. ان کان  علاوه ڀارت جي حج ڪميٽي جو به چوڻ آهي ته هلندڙ سال حج جي ادائيگي جا امڪان تمام گهٽ آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔