آمريڪي پوليس جي فائرنگ: جارج فلائيڊ کان پوءِ هڪ ٻيو شهري مارجي ويو

واشنگٽن: آمريڪا ۾ پوليس جي فائرنگ سبب هڪ ٻيو ڪاري نسل جو شهري مارجي ويو. پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ڪاري نسل واري شهري گرفتاري کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن تي پوليس نوجوان مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن سبب هو ٿڏي تي مارجي ويو. ڪاري نسل واري شخص جي مارجي وڃڻ وارو واقعو آمريڪا جي رياست جارجيا جي شهر اٽلانٽا ۾ پيش آيو واقعي جا فوٽيج سامهون اچڻ کان پوءِ اٽلانٽا ۾ سخت مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

اٽلانٽا جي ميئر گيشا لانس واقعي جي خلاف پوليس مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پوليس اهلڪار فيصلو ڪري سگهيو ٿي ته ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه. واضح رهي ته اٽلانٽا ۾ 6 پوليس اهلڪارن تي اڳ ئي اختيارين کان مٿانهون ڪيس هلي رهيو آهي. گذريل مهيني به آمريڪي رياست مني سوٽا جي شهر ميني ۾  ڪاري نسل  واري شهري پوليس گرفاري دوران مارجي وڃڻ کان پوءِ ڪيترن ئي شهرن ۾  وڳوڙ شروع ٿي ويا هئا. سوشل ميڊيا تي مارجي ويل شخص جي هڪ وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ جارج فلوئيڊ نالي 46 ساله ڪاري نسل واري شخص جي ڳچي کي هڪ پوليس اهلڪار پنهنجي گوڏي هيٺيان دٻائي رکيو آهي جنهن کان پوءِ  سندس فوت ٿيڻ جون  خبرون سامهون آيون.

ميني جي ميئر 4 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس جو چوڻ هو ته جارج فلائيڊ نشي جي حالت ۾ هڪ شخص جي گاڏي جي مٿان ويٺو هو جنهن کي لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته  هن مزاحمت ڪئي ان دوران سندس فوتگي ٿي آهي.  ياد رهي ته چار ڏينهن اڳ جارج فلائيڊ جون آخري رسمون هيوسٽن ۾ ادا ڪيون ويون هيون. هوڏانهن جارج فلائيڊ جي مارجي وڃڻ کان پوءِ آمريڪا جي مختلف رياستن ۾ مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. مظاهرن سبب آمريڪي جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي ۽ ٽرمپ پاران فوج مقرر ڪرڻ واري فيصلي کي آئين جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو پيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔