ڪورونا ۾ مبتلا شيخ رشيد جي طبيعت خراب اسپتال داخل

لاهور: ڪورونا ۾ مبتلا  ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد  جي طبيعت خراب ٿيڻ تي کيس اسپال منتقل ڪيو ويو.

شيخ رشيد احمد جي طبيعت ڇنڇر جي شام کان خراب هئي. گذريل رات طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي  کيس ايم ايڇ راولپنڊي ۾ داخل ڪيو ويو. وفاقي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته منهنجو علاج جاري آهي. ڊاڪٽرن ۽ نرسنگ اسٽاف بهترين صلاحيتن موجب علاج ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته الحمدالله رات جي ڀيٽ ۾ هاڻ بهتر محسوس ڪري رهيو آهيان. منهنجي جلد صحتيابي جي لاءِ دعائون ڪندڙن جو ٿورائتو آهيان. شيخ رشيد عوام کي اپيل  ڪئي ته ڪورونا کي سنجيده وٺو. احتياطي تدبيرون اختيار ڪريو ۽ گهرن ۾ رهو.

ٻئي طرف پنهنجي هڪ بيان ۾ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر آفتاب صديقي جو چوڻ هو ته وفاقي وزير شيخ رشيد کي الله پاڪ ڪورونا جي خلاف وڙهڻ جي همت عطا فرمائي. آفتاب صديقي جو چوڻ هو ته شيخ رشيد  بهادر ماڻهو آهي هو ڪورونا جي خلاف جنگ ۾ فاتح ثابت ٿيندو هن دعا ڪئي ته الله پاڪ ڪورونا ۾ مبتلا سمورن مريضن کي جلد  صحتيابي عطا فرمائي.

عوام هڪ قوم بڻجي ڪورونا کي شڪست  ڏيڻ ۾ پنهنجي حڪومت جو ساٿ ڏئي. ياد رهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا سبب هينئر تائين هڪ لک 38 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ۽ 2600 کان وڌيڪ فوت ٿي چڪا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔