سنڌ حڪومت عوام کي اڻڄاڻايل مدي تائين سخت ترين لاڪ ڊائون جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته عوام جو وڏو انگ ڪورونا وائرس جي خلاف احتياطي تدبيرن تي عمل ناهي ڪري رهيو. جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته هڪ دفعو ٻيهر لاڪ ڊائون ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين ۽ هن ڀيري لاڪ ڊائون پهريان کان به وڌيڪ سخت هوندو.

پنهنجي هڪ بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته ڪورونا وائرس  جي تباهين کان بچڻ جو واحد ۽ موثر ترين طريقو صرف احتياط آهي جنهن تي عوام طرفان عمل نظر نه پيو اچي. جنهن بازار، شاپنگ مال يا ڪاروباري مرڪزن طرف ڏسون ٿا ته اتي ماڻهو  بي احتياطي ڪندي نظر اچي رهيا آهن. واپاري برادري اسان سان  ٿيندڙ اجلاسن ۾ يقين ڏياريو هو ته ايس او پيز تي هر صورت ۾ عمل ڪيو ويندو پر ائين لڳي رهيو آهي ته سمورا واعدا صرف  پابنديون ختم ڪرڻ جي لاءِ هئا.

هن چيو ته جيستائين ماڻهو ڪورونا وائرس کي سيريس نه وٺندا تيستائين مسئلو حل نه ٿيندو. هن چيو ته اسان ڪورونا وائرس جي خاتمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون پر عوام جي مدد کان سواءِ اسان ڪاميابي حاصل نٿا ڪري سگهون. هن عوام کي چيو ته خدارا ڪورونا وائرس کي سنجيده وٺو اوهان جي سامهون سڄي دنيا جي مثال موجود آهي.

ناصر شاهه چيو ته ڪاروبار جي دوران ايس او پيز تي عمل يقيني بنايو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان قانوني ۽ سماجي مدد سان هڪ دفعو ٻيهر سخت ترين لاڪ ڊائون کي اڻڄاڻايل مدي تائين لاڳو ڪرڻ جي لاءِ مجبور ٿينداسين ۽ هن ڀيري لاڪ ڊائون اڳ کان به وڌيڪ سخت هوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔