نيب پاران سلمان شهباز کي انٽرپول ذريعي برطانيه مان واپس گهرائڻ جو فيصلو

لاهور: قومي احتساب بيورو(نيب) انٽرپول ذريعي سلمان شهباز کي برطانيه مان پاڪستان واپس آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

رپورٽ موجب نيب مسلم ليگ(ن) جي صدر ميان شهباز شريف جي پٽ سلمان شهباز کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ڪري پاڪستان واپس آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. نيب سلمان شهباز کي ڊي پورٽ ڪرائڻ جي لاءِ برطانيه جي نيشنل ڪرائم ايجنسي سان به رابطو ڪندي.

ياد رهي ته احتساب عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سلمان شهباز کي مفرور قرار ڏيندي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا هئا.

عدالت سلمان شهباز کي چوڌري شوگرملز، مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ڪيترائي ڀيرا جاچ جي لاءِ طلب ڪيو پر هو پيش نه ٿيو جنهن تي کيس اشتهاري قرار ڏنو ويو ۽ سندس سموري ملڪيت کي ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔